آلو فقير

آلو فقير: آلو فقير نالي بزرگ ذات جو چانڊيو هو ۽ مشهور بزرگ شاهه گودڙئي جو پوئلڳ ۽ پنهنجي وقت جو سخي ۽ سپهه سالار ٿي گذريو آهي. سلطان غياث الدين بلبن جي وفات کان پوءِ جڏهن سندس پوٽو 689هه/ 1290ع ۾ تخت تي ويٺو ۽ سندس حڪومتي دور ۾ ملڪ اندر افراتفريءَ جو ماحول وڌي ويو ۽ لاقانونيت کي هٿي ملي، تڏهن مرزاڻي قبيلي جي ماڻهن حمل خان مرزاڻي چانڊئي جو مال اچي ڦريو، ڦريل مال واپس ڪرائڻ لاءِ ٻين چانڊين سان گڏ هي درويش به ساڻن ويو. ٻنهي قبيلن وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ ٻين ڪيترن ماڻهن سان گڏ هيءُ به قتل ٿي ويو. آلو فقير کي 7 رجب 691هه مطابق 1292ع تي اتي ئي جنگ جي ميدان ۾ دفن ڪيو ويو.


لفظ آلو فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0691.07.07  هجري

آلو فقير کي 7 رجب 691هه مطابق 1292ع تي اتي ئي جنگ جي ميدان ۾ دفن ڪيو ويو.


1292.00.00  عيسوي

آلو فقير کي 7 رجب 691هه مطابق 1292ع تي اتي ئي جنگ جي ميدان ۾ دفن ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آسو
سيد ويڌل شاهه موسوي
ابڙو الياس پروفيسر
آزر
احمد خان سهاڳ
راڌا ڪرشنا ڊاڪٽر
ذوالفقار مرزا
عثمان راهوڪڙو
پيرزادو واحد بخش عاشق
جتوئي علي بخش ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون